اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اسلامي جمهوريه ايران جي خلاف اسرائيل جي فوجي حملن جي ڏس ۾ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن جي حمايت ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو.