ابوظهبي – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز ۽ سمورين سطحن تي جاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري دوران يو اي اي جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپا جيڪي گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ ويجهي تعاون جي تاريخ تي قائم آهن، کي اجاگر ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. هن خطي ۾ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ استحڪام جي فروغ ۾ گڏيل عرب امارات جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز ۽ سمورين سطحن تي جاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا.