اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) نيشنل سيڊ پاليسي 2025ع ۽ نيشنل ايگريڪلچرل بائيو ٽيڪنالاجي پاليسي 2025ع منظوريءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته پلانٽ بريڊرز رائٽس ايڪٽ کي به ترجيح ڏني پئي وڃي ته جيئن ان جي حفاظت ۽ تحقيق ۽ ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. اها ڳالهه ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ۾ ٻُڌائي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ٻج جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ اهم قدم کنيا آهن جن ۾ نيشنل سيڊ ڊولپمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جو قيام شامل آهي ته جيئن معياري، موسمياتي تبديلين موجب ٻجن جي فراهمي يقيني بنائي سگهجي. هن چيو ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ٻج جي نظام کي ڊجيٽل بنيادن تي منظم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪمپني رجسٽريشن، تجديد، ٻج جي تصديق، نگراني ۽ لاڳو ڪرڻ شامل آهي. نجي شعبي جي تحقيق ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.