اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جو هڪ اهم اثاثو آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين موجوده مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 31 سيڪڙو واڌ سان 31.2 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو پاڪستان اُماڻيو، جيڪو پهرين سال جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تقرير ڪندي هن ٻُڌايو ته پوئين ٻن سالن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جي ڳاڻيٽي ۾ 10 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي جنهن لاءِ اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڀيڻن ڀائرن جو دل سان ٿورو مڃون ٿا. ان سان ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ بهتري آئي آهي. اسان جي حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وڌيڪ سهولتون ڏيندي ته جيئن هو ملڪي ترقيءَ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا رهن. هن چيو ته وزيراعظم جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، جهڙوڪ خاص عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، ڪيسن جي رجسٽريشن ۽ شاهد گڏ ڪرڻ لاءِ آن لائن سسٽم متعارف ڪرايو ويندو ۽ ڪوڙن ڪيسن کان بچاءُ لاءِ ڪيتريون ئي قانون ۾ تبديليون ڪيون وينديون. ناڻي واري وزير چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن لاءِ وفاقي حڪومت چارٽرڊ يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ ڪوٽا مقرر ڪئي پئي وڃي ۽ اسڪل ٽريننگ لاءِ وظيفن جي فراهمي پڻ ڪئي ويندي. ان کان علاوه اسٽيٽ بئنڪ ذريعي وڌيڪ پرڏيهه مان ناڻو اُماڻنيدڙ 15 ماڻهن کي هر سال 14 آگسٽ تي سول ايوارڊز ڏنا ويندا.