اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اتحادي حڪومت جي معيشت ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن جو احاطو ڪندي چيو آهي ته اسان جي ترجيح هر طبقي لاءِ ترقي جي ثمرن ۽ ماحوليات ۽ وسيلن جي تحفظ کي يقيني بنائيندي پائيدار ترقي جو رستو هموار ڪندڙ معيشت جوڙڻ آهي. گذريل ڏينهن ايندڙ مالي سال 26-2025ع جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته اهوئي ويزن اسان کي هڪ اهڙي پاڪستان طرف وٺي وڃي ٿو جتي ترقي، هر فرد جي چائنٺ تائين پهچي ۽ قوم خوشحال ٿئي، اهوئي اسان جو عزم، اسان جي حڪمت عملي ۽ اسان جو نعرو آهي. ناڻي واري وزير گذريل سال معيشت جي بهتريءَ لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته انهن قدمن سان مالي نظم و ضبط ۾ نمايان بهتري ايندي، جن ۾ جي ڊي پي جي 2.4 سيڪڙو جي برابر پرائمري سرپلس کي حاصل ڪرڻ، ناڻي واڌ ۾ 4.7 سيڪڙو تائين نمايان گهٽتائي، سرپلس ڪرنٽ اڪائونٽس 1.5 ارب ڊالرن تائين ٿيڻ جي اميد، رپئي جي قدر ۾ استحڪام، پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ 10 مهينن ۾ 31 سيڪڙو واڌ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 2 ارب ڊالرن جو اضافو شامل آهي. هلندڙ مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 38 ارب ڊالر جڏهن پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اقتصادي بهتريءَ لاءِ حڪومت کي ڪيترائي سخت فيصلا ڪرڻا پيا، پاڪستان جي غيرتمند عوام به ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون جن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا. هن چيو ته اسان جي مائڪرو اڪنامڪ استحڪام پروگرام جي ڪاميابي کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو ۽ عالمي ريٽنگ جي ايجنسين ۽ مالياتي ادارن معيشت جي بهتري جي گواهي ڏني. ڪاروباري ادارن جي سربراهن جو معيشت ۾ بهتريءَ تي اعتماد 83 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. فچ پاڪستان جي ريٽنگ کي سي سي سي پلس مان وڌائي بي نيگيٽو ڪندي معاشي بهتري جي تجويز ڏني آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف نه صرف پاڪستان جي معيشت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي پر پاڪستان لاءِ ڳري فنانسنگ فراهم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.