اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)حڪومت ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ ۾ معيشت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا آهن. اڱاري ڏينهن بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت گذريل سال به معيشت جي بحالي، مالي نظم ۽ ضبط ۽ استحڪام لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا، جنهن جا حوصلي وارا نتيجا سامهون آيا. ناڻي واري وزير موجب جي ڊي پي جي 2.4 سيڪڙو جي برابر پرائمري سر پلس حاصل ڪيو ويو، جيڪو مالياتي نظم ۽ ضبط جي علامت آهي. هن چيو ته ناڻي واڌ ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿي آهي، جيڪا مئي 2024ع ۾ گهٽجي 4.7 سيڪڙو رهجي وئي. جڏهن ته ٻه سال اڳ اها شرح 29.2 سيڪڙو تائين پهتي هئي. روپئي جي قدر ۾ استحڪام حاصل ٿيو، جيڪو ٻاهرين قرضن جي امپورٽ بلن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار رهيو. پرڏيهي ناڻي ۾ موجوده مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران 31 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي ماليت 31.2 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 2 ارب ڊالرن جو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ اهي ذخيرا سال جي پڄاڻي تائين 14 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جي اميد آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ انهن پاليسين کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي ته جيئن اقتصادي بحالي جو عمل مستحڪم بنيادن تي جاري رکي سگهجي.