اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع دوران بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن جي 8 جاري ۽ 2 نَون منصوبن لاءِ 1179.840 ملين رپيا رکيا ويا. ڪالهه جاري ڪيل پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن جي 8 جاري منصوبن لاءِ 779.840 ملين رپيا، جڏهن ته 2 نَون منصوبن لاءِ 400 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي موجب جاري منصوبن ۾ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ بائيو مڪينيڪل ليب جي قيام لاءِ 40.735 ملينر پيا، پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر ڪراچي ۾ فٽبال گرائونڊ ۾ فلڊ لائٽس لاءِ 108 ملين رپيا، پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر جي اپ گريڊيشن ۽ مرمت لاءِ 70 ملين رپيا، پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۽ پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر ۾ مختلف راندين جي سهولت لاءِ 150 ملين رپيا، پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ سائوٿ ايشين گيمز، وارم اپ ٽريڪ، هيٽ ايڪسچينجر، ڪوچنگ لاءِ رهائشي فليٽن جي سهولت، هالز، فائيو اي هاڪي گرائونڊ، فٽ بال گرائونڊ ۽ ماسٽر پلاننگ لاءِ 200 ملين ۽ پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر اسڪردو جي تعمير لاءِ 50 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح ٻين جاري منصوبن لاءِ خاطرخواه رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي موجب 2 نَون منصوبن پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ ارشد نديم شهباز شريف هاءِ پرفارمنس اسپورٽس اڪيڊمي جي قيام لاءِ 300 ملين رپيا، جڏهن ته فيصل آباد ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ڪورٽس ۽ ٻين جي تعمير لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن.