اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)قومي صحت واري وزارت ٽي بي، ايڇ آءِ وي ايڊز ۽ مليريا يونٽ جي ترقي جي منصوبي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 200 ملين روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويز موجب منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 404.837 ملين روپيا آهي ۽ اميد آهي ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 198.948 ملين روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويندا. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 295.270 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.