اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وزارت وبائي مرضن جي حوالي سان هيلٿ ورڪ فورس جي قيام ۽ رابطا ڪاري منصوبن لاءِ پي ايس ڊي پي تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 200 ملين رپيا رکيا ويا. ڪالهه جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 230.920 ملين رپيا آهي، جڏهن ته 30 جون 25ع تائين منصوبي لاءِ 30 ملين رپين جي فنڊز جاري ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 200 ملين رپين جو ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.