اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) حڪومت ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي 67 جاري ۽ 4 نون منصوبن لاءِ مجموعي طور 2 کرب 26 ارب 98 ڪروڙ 16 لک 50 هزار رپين جي وڏي رقم رکي آهي. ڪالهه جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب اين ايڇ اي جي 4 نَون منصوبن لاءِ 2 ارب 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جن تي لاڳت جو ڪاٿو 2 کرب 29 ارب 43 ڪروڙ 40 لک 52 هزار رپيا لڳايو ويو آهي. جن ۾ مشخيل- پنجگور روڊ (191.6 ڪلوميٽرن) جي تعمير جي غير منظور ٿيل منصوبي لاءِ 5 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جنهن تي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 64 ارب 57 ڪروڙ 71 لک 50 هزار لڳايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح رحيم يار خان ضلعي جي علائقي جمال دين ولي واري هنڌ تي انٽرچينج جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جنهن تي لاڳت جو ڪاٿو هڪ ارب 44 ڪروڙ 85 لک رپين کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي. هي منصوبو سي ڊي ڊبليو پي سان 14 جون 23ع تي منظور ٿيو هو. نَون منصوبن ۾ اين فائيو فيز ون جي مختلف ترجيحي هنڌن تي چؤڻو ڪرڻ ۽ بهتريءَ جي منصوبن لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا جنهن جي منظوري وٺڻي آهي. ان منصوبي تي لاڳت جو ڪاٿو هڪ کرب 55 ارب 40 ڪروڙ 84 لک رپيا لڳايو ويو آهي. لاله موسيٰ باءِ پاس اين فائيو جي غير منظور ٿيل منصوبي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جنهن تي لاڳت جو ڪاٿو 8 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. 67 جاري منصوبن لاءِ 2 کرب 24 ارب 83 ڪروڙ 18 لک 50 هزار رپين جي رقم رکي وئي آهي، جنهن تي هن وقت تائين 6 کرب 48 ارب 7 ڪروڙ 53 لک 93 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا آهن جڏهن ته لاڳت جو ڪاٿو 32 کرب 93 ارب 13 ڪروڙ 87 لک 80 هزار رپيا لڳايو ويو آهي. اين ايڇ اي جي جاري منصوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم انڊس هاءِ وي (اين 55) ايڊيشنل ڪيريج وي جو منصوبو (شڪارپور- راجن پور) 221.9 ڪلوميٽر جو (ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنڊڊ) لاءِ 8 ارب 62 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. اهڙيءَ طرح اين 55 جي ڊي جي خان ۽ ڊي آءِ خان جي حصن کي ٻه طرفو ڪرڻ ۽ بحالي جي منصوبن لاءِ 7 ارب 23 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اين 55 راجن پور، ڊي جي خان جي حصي جي تعمير لاءِ 6 ارب 20 ڪروڙ رپيا هوشاب- آوارن حصي جي تعمير لاءِ 6 ارب رپيا، خضدار- ڪچلاڪ (اين 25) کي ٻه طرفو ڪرڻ لاءِ 3 ارب 40 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري منصوبن ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي شاهراهن جي تعمير، مرمت، بحالي، واڌ ۽ ٻه طرفو ڪرڻ جا ڪيترائي منصوبا شامل آهن. جن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنڊز ۽ اين اي ايڇ جي وسيلن سان تعمير ٿيندڙ ڪيترائي منصوبا شامل آهن.