اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وزارت وزيراعظم شوگر ڪنٽرول پروگرام لاءِ پي ايس ڊي پي تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 800 ملين رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. ڪالهه جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 6800 ملين رپيا آهي، جڏهن ته 30 جون 25ع تائين منصوبي لاءِ 3.350 ملين رپيا جاري ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 800 ملين رپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.