رياض-10 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۾ حج قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 8 ماڻهن خلاف فيصلو جاري ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي گهرو وزارت حج پرمٽ کانسواءِ 21 ماڻهن کي مڪي شريف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ پرڏيهي ۽ 7 سعودي شهرين خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. وزارت سيزنل انتظامي ڪميٽين ذريعي ٽرانسپورٽرز، سندن مددگار ۽ پرمٽ کانسواءِ مڪي شريف وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف انتظامي فيصلا جاري ڪيا. سزائن ۾ قيد، هڪ لک ريال تائين ڏنڊ، ٽرانسپورٽرز جي تشهير، پرڏيهين جي نيڪالي سان گڏ 10 سالن تائين ٻيهر داخلا تي پابندي شامل آهي. ڀڃڪڙي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ضبط ڪرڻ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي . پرمٽ کانسواءِ مڪي شريف ۾ داخلا جي ڪوشش ڪرڻ تي 20 هزار ريال تائين ڏنڊ آهي. وزارت طرفان سعودي شهرين ۽ پرڏيهين کي حج قانونن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد حج پانڌيئڙن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ آهي.