رياض-10 جون (اي پي پي)سعودي قيادت تخت نشيني واري ڏهاڙي تي اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله (دوم) کي تخت نشيني واري سالگره تي مبارڪن وارو پيغام موڪليو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پيغام ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هنن شاهه عبدالله (دوم) جي سٺي صحت، خوشي، اردن جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي اميد ظاهر ڪئي. ان کان علاوه گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيدآل نهيان به اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله (دوم) کي مبارڪن جو پيغام موڪليو آهي . گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم، نائب وزيراعظم شيخ منصور بن زايدآل نهيان به مبارڪن جا پيغام موڪليا آهن .