دبئي _ 10 جون (اي پي پي ) گڏيل عرب امارات ۾، نرسري ۽ ڪي جي وارن شاگردن لاءِ عربي ٻُلي جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي آهي. نئين پاليسي جو لاڳو سمورن نجي اسڪولن تي ٿيندو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ابوظهبي ايجوڪيشن اٿارٽي هڪ نئين پاليسي جاري ڪئي آهي جنهن تحت هر هفتي 4 ڪلاڪ(240 منٽ ) عربي زبان جي تعليم لاءِ مقرر ڪرڻا پوندا . ايندڙ تعليمي سيشن ۾ عربي زبان جي تعليم جو وقت وڌائي ڪري 5 ڪلاڪ (300 منٽ ) مقرر ڪيو ويندو . ابوظهبي جي تعليم ۽ علمي کاتي (ايڊيڪ ) جي پاليسي جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته هر ٻار ، اهو عربي هجي يا ڪو هو پهريون ڀيرو اها زبان سکي رهيو هجي ، زبان سکڻ جي ان اهم مرحلي تي معياري ۽ هڪ جهڙي تعليم حاصل ڪندو .