ڪينبرا _ 10 جون (اي پي پي ) آسٽريليا ۾ هڪ ڪار حادثي ۾ 2 نوجوان فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آسٽريليا جي اوڀر گپس لينڊ جي علائقي ۾ ميلبورن جي بوسٽ علائقي ۾ هڪ ڪار وڻ سان ٽڪرائجڻ سبب 18 سالن جو ڊرائيور ۽ 15 سالن جو مسافر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا . جڏهن ته 17 سالن جو ڇوڪرو زخمي ٿي پيو ، جنهن کي فوري طورتي اسپتال منتقل ڪيو ويو . پوليس جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته حادثي بابت جاچ جاري آهي .