واشنگٽن _ 10 جون (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايلون مسڪ سان فون تي ڳالهائڻ تي ڪو اعتراض ناهي پر کيس فون ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق وائٽ هائوس ۾ صحافين جي سوال تي هن چيو ته هو ايلون مسڪ سان ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي . واضع رهي ته 5 جون تي ايلون مسڪ چيو هو ته سندس حمايت کانسواءِ ٽرمپ نومبر 2024 ع تي ڪڏهن به اليڪشن نه کٽي سگهي ها . هن ٽرمپ جي حق ۾ به ڳالهيون ڪيون .