رياض _ 10 جون (اي پي پي ) سعودي عرب ۾ پورهيتن کي اس ۾ ڪم ڪرڻ تي 3 مهينن جي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي افرادي سگهه واري وزارت ۽ آڪيوپيشنل سيفٽي ۽ صحت بابت قومي ڪائونسل چيو آهي ته ”پرائيوٽ سيڪٽر “ جي سمورن ادارن جي ڪارڪنن لاءِ آچر 15 جون کان کليل هنڌن تي اس ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي 3 مهينن تائين لاڳو رهندي . بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان فيصلي جو مقصد پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ورڪرز جي سيفٽي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ ، آڪيوپيشنل سيفٽي ۽ صحت جي عالمي معيار مطابق صحت مند ۽ محفوظ ڪم جو ماحول فراهم ڪرڻ آهي . وزارت واپارين کي چيو آهي ته هو ان فيصلي تي عمل ڪن ته جيئن ڪم جو محفوظ ماحول پيدا ڪرڻ سان گڏ ورڪرز کي حادثن ۽ بيمارين کان بچائي سگهجي .