واشنگٽن _ 10 جون (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان 12 ملڪن جي شهرين جي آمريڪا اچڻ تي پابندي جي فيصلي تي عمل درآمد شروع ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان نئين سفري پابندي جن ملڪن تي لاڳو ٿيندي انهن ۾ ايران ، لبيا ، صوماليه ، سوڊان ، افغانستان ، ميانمار ، چاڊ ، جهموريه ڪانگو ، استوائي گني ، اريٽيريا ۽ هيٽي شامل آهن . ان کان علاوه وڌيڪ 7 ملڪن جي شهرين تي جزوي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جن ۾ برونڊي ، ڪيوبا ، لاس ، سيراليون ، ٽوگو ، ترڪمانستان ۽ وينز ويلا شامل آهن . آمريڪي صدر چيو ته جن ملڪن تي سخت پابندي هوندي انهن ملڪن تي سخت پابنديون لڳايون ويون آهن ، اتي وڏي پيماني تي دهشتگرد موجود آهن ، هو ويزا بابت سيڪيورٽي ۾ سهڪار نٿا ڪن ، مسافرن جي سڃاڻپ جي تصديق جي صلاحيت نٿا رکن ، انهن جي ڏوهارين جو درست رڪارڊ موجود ناهي هوندو ۽ انهن جا شهري ويزا جومدو ختم ٿيڻ بعد به آمريڪا ۾ رهن ٿا جنهن جي شرح به بلند آهي .