واشنگٽن _10 جون (اي پي پي ) ڪيليفورنيا جي گورنر اعلان ڪيو آهي ته هو احتجاج کي روڪڻ لاءِ لاس اينجلس ۾ نيشنل گارڊ جا جٿا موڪلڻ جي حڪم تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪيس داخل ڪندو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن ايڪس تي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ نيشنل گارڊ کي غير قانوني طورتي وفاقي بڻايو آهي . ٽرمپ جنهن حڪم تي صحيحيون ڪيون ان جو لاڳو صرف ڪيليفورنيا تي ناهي ٿيندو، اسان ان تي ڪيس ڪرڻ وڃون پيا .