گڏيل قومون ، طرابلس _10 جون (اي پي پي ) لبيا ۾ گڏيل قومن جي سپورٽ مشن (يو اين ايس ايم آئي ايل ) طرابلس ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪئي آهي . جتي عيدالضحى جي تقريب دوران مخالف هٿيار بند گروپ وچ ۾ ڏينهن جي شروعات ۾ ئي چڪريون ٿيون . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هڪ بيان ۾ يواين ايس ايم آئي ايل سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو طئي ٿيل جنگ بندي جو احترام ڪن ۽ اهڙن قدم کان پاسو ڪن جيڪي نقصان پهچائي سگهن ٿا . مشن چيو ته جڏهن شهري علائقن ۾ تڪرار ٿيندو آهي ته شهرين جون فوتگيون وڌي وينديون آهن . مشن سمورين ڌرين کي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين کان پاسو ڪرڻ ۽ جنگ بندي جي طريقڪار ذريعي ڳالهيون ڪرڻ جو سهارو وٺڻ جو مطالبو ڪيو . مشن نوٽ ڪيو ته گڏيل قومون جي سلامتي ڪائونسل هڪ تازي پريس رليز ۾ شهرين خلاف حملن جي ذميوارن کان جواب جو مطالبو ڪيو هو .