اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) افرادي سگهه کي هنرمند بڻائڻ لاءِ وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت مختلف شعبن ۾ 56 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. مالي سال 25-2024ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ موجب پي ايم واءِ ايس ڊي پي تحت آءِ ٽي جي شعبي ۾ 39 مختلف ڪيٽيگريز ۾ نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح صنعتي مهارتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ 53 ۽ 39 ٻين شعبن ۾ به نوجوان افرادي سگهه کي هنرمندي جي تربيت ڏني وئي جنهن جو مقصد سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، نار ملڪن ۽ جاپان سميت ٻين مختلف عالمي مارڪيٽن سان گڏوگڏ مقامي مارڪيٽن ۾ نوجوانن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي فراهمي آهي. واضح رهي ته نوجوان افرادي سگهه کي هنرمندي جي تربيت جي فراهمي لاءِ عالمي ادارن کان مدد حاصل ڪئي وئي آهي.