اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان جي معيشت ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، جولاءِ 2024ع کان مئي 2025ع دوران ٽيڪس وصولي ۾ 26 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ٽيڪس نظام جي بهتري ۽ محصولن ۾ واڌ جي نشاندهي ڪري ٿي. گذريل ڏينهن اقتصادي سروي پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ٽيڪس فائيلرز جو انگ ٻيڻو ٿي چڪو آهي، جنهن سان ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ۽ مالياتي شفافيت وارن حڪومتي قدمن جي ڪاميابي ظاهر ٿئي ٿي، ان کان علاوه ريٽيلرز رجسٽريشن ۾ به 74 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جيڪا ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي معيشت ۾ شموليت جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته حڪومت معاشي سڌارن، محصولن ۾ بهتري ۽ شفافيت کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي، انهن ڪوششن جو مقصد پاڪستان کي هڪ مضبوط، پاڻڀرو ۽ اسرندڙ معيشت طرف گامزن ڪرڻ آهي.