اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) معاشري جي گهٽ آمدني واري طبقي جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هلندڙ مالي سال دوران 385.64 ارب روپيا ورهايا ويا آهن. اقتصادي سروي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال لاءِ بي آءِ ايس پي جي بجيٽ 592.48 ارب روپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته جولاءِ 2024ع کان مارچ 2025ع دوران 385.64 ارب روپيا ورهايا ويا آهن. واضح رهي ته بي آءِ ايس پي جي بينظير ڪفالت پروگرام تحت 9.9 ملين گهراڻن کي مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي.