اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 99 ڪٽنبن جي مدد ڪئي پئي وڃي، جيڪا حڪومت جي سماجي تحفظ واري ويزن جي عملي تعبير آهي. گذريل ڏينهن اقتصادي سروي جاري ڪندي هن چيو ته مالي سال 2024ع ۾ بي آءِ ايس پي جي بجيٽ 593 ارب روپين تائين پهچي چڪي آهي جيڪا حقدار ۽ مسڪين ڪٽنبن جي مالي مدد لاءِ هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي رقم آهي، ناڻي واري وزير چيو ته بي آءِ ايس پي جو دائرو لاڳيتو وڌايو پيو وڃي ته جيئن ملڪ جي ڪمزور، محروم ۽ پٺتي پيل طبقن کي وڌ کان وڌي فائدو پهچائي سگهجي. هي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته پاڪستاني شهري غربت جي لڪير کان هيٺ نه رهن.