ڪراچي-09 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ عيدالاضحيٰ جون خوشيون ملھائڻ لاءِ ھڪ پروقار عيد ملن تقريب جو اھتمام ڪيو، جنھن ۾ سفيرن، صوبائي وزيرن، مشيرن، خاص معاونين، آءِ جي پوليس، صوبائي سيڪريٽرين، سينيئر آفيسرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، ڪراچي ڊويزن جي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ پارٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اھا تقريب چيف منسٽر ھائوس ۾ ٿي. جتي سيد مراد علي شاھ گڏيل عرب امارتن،چين، جاپان،ملائيشيا ،اٽلي،انڊونيشيا، قطر، برطانيا ،آمريڪا،بنگلاديش ،سعودي عرب ،ترڪيه، عمان، روس ۽ ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز سان خاص ملاقات ڪئي. ڪيٿولڪ اڳواڻ ڪارڊينل جوزف ڪوٽس، فادر ماريو، ۽ پارسي ڪميونٽي جي اڳواڻ دينشا بھرام آواري بين المذاھب ھم آھنگي کي اجاگر ڪيو. تقريب ۾ ناليوارين واپاري شخصيتن عقيل ڪريم ڍيڊي ،زبير موتي والا، جاويد بلواني ۽ ٻيا معزز مھمان بھ شريڪ ھئا. سنڌ جي وڏي وزير سڀني مھمانن جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين عيد جون واڌايون ڏنيون. ان موقعي تي سيد مراد علي شاھ پنھنجي خطاب ۾ چيو تھ عيدالاضحيٰ قرباني صبر ۽ اخلاص جو درس ڏئي ٿي، ۽ حضرت ابراھيم عليه السلام جي عظيم قرباني اسان کي ياد ڏياري ٿي تھ اللھ پاڪ جي رضا لاءِ قرباني ڏيڻ اصل عبادت آھي. ھن سنڌ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو.