ڪراچي-09 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي عالمي ميڊيا تي پاڪستان جو موقف جرئت، سمجھداري ۽ اثرائتي انداز سان پيش ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آھي. سومر ڏينھن چيف منسٽر ھائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد مراد علي شاھ چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري جو مدلل ۽ وطن دوست موقف نھ فقط پاڪستان جي قيادت جي وقار ۾ اضافو آندو، پر سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻيو. انڊس واٽر ٽريٽي (سنڌ طاس معاھدي) بابت ڳالھائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ عالمي ضمير کي جاڳائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ان مسئلي کي ھن دور جي اھم ترين چئلينجن مان ھڪ قرار ڏنو. مراد علي شاھ چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري دنيا کي واضح ۽ بي خوف پيغام ڏنو تھ پاڪستان پنھنجي پاڻيءَ جو جائز حق ڪڏھن بھ نھ ڇڏيندو. ھن چيو تھ بلاول ڀٽو جي حقيقت پسنداڻي ۽ منطقي سفارتي انداز مان ظاھر ٿئي ٿو تھ پاڪستان جي نئين نسل جي اڳواڻي دشمن جي سازشن کي ڪارائتي حڪمت عملي سان ناڪام بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. وڏي وزير سنڌ جي عوام ،پاڪستان جي نوجوانن ۽ سڀني محب وطن شھرين پاران بلاول ڀٽو زرداري کي دل جي گھرائين سان ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ھن چيو تھ سندس تازي عالمي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز فقط ڳالھيون ناھن پر پاڪستان جي عزت، پاڻيءَ جي حقن ۽ قومي جھنڊي جو ڀرپور دفاع آھي.