اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار جي اوسر واري شرح 2.7 سيڪڙو رهي جڏهن تهعالمي سطح تي جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 2.8 سيڪڙو آهي. پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي کي عالمي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي، گذريل ڏينهن هتي قومي اقتصادي سروي مالي سال 25-2024ع جاري ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته 2023ع ۾ اسان جي جي ڊي پي جي گروٿ ڪاٽو رهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو کان وڌي چڪي هئي، ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت مهانگائي ۾ واڌ جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پاليسي ريٽ ۾ به لاڳيتو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام جي شاهراهه تي گامزن آهي ۽ ملڪ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي. هن چيو ته 2023ع ۾ ملڪ ۾ ٻن هفتن لاءِ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا موجود هئا، جڏهن ته ان کان پوءِ معاشي بحالي ٿي جنهن جا نتيجا سڀني آڏو آهن. ناڻي واري وزير چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ کنيل سٺا قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو ڪئي وئي آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام سان به اسان جو اعتماد بحال ٿيو آهي.