اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ ڪارپوريٽ شعبي جاري مالي سال دوران نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. گذريل ڏينهن جاري قومي اقتصادي سروي موجب مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 50.2 سيڪڙو جي شرح سان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ 38.5 سيڪڙو جي نمايان واڌ ٿي، اهو ڳاڻيٽو وڌي 14374 ارب روپيا ٿي ويو. 31 مارچ تائين پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ فهرستي ڪمپنين جو انگ 527 رڪارڊ ڪيو ويو. ان عرصي ۾ 6 نيون ڪمپنيون اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شامل ٿيون.