اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 25-2024ع موجب جاري مالي سال دوران وياج جي شرح کي 22 سيڪڙو جي بلند سطح کان گهٽ ڪري 11 سيڪڙو جي سطح تي آندو ويو آهي. گذريل ڏينهن جاري قومي اقتصادي سروي موجب مالي سال دوران پاليسي ريٽ ۾ لاڳيتو گهٽتائي آندي وئي، 5 مئي تي ڪرنٽ اڪائونٽ پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح کي 11 سيڪڙو جي سطح تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جولاءِ کان مارچ تائين جي مدي ۾ ناڻي واڌ ايم ٽو ۾ 4.5 سيڪڙو جي شرح سان اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل سال جي انهي عرصي ۾ ناڻي واڌ ۾ 7.2 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. مجموعي پرڏيهي اثاثن جو ڳاڻيٽو 1162.7 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل سال هو ڳاڻيٽو 651.2 ارب روپيا هو. نجي شعبن بئنڪن کان 767.6 ارب روپين جو قرض حاصل ڪيو، جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ 265.2 ارب روپيا هو. ڪنزيومر فنانسنگ جو ڳاڻيٽو 71.4 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 52.6 ارب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جي عرصي ۾ گردشي ڪرنسي ۾ 1108 ارب روپين جو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي عرصي ۾ گردشي ڪرنسي ۾ 498 ارب روپين جو اضافو ٿيو هو.