لاهور-08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي خوشين واري موقعي تي سلطنت عمان جي سلطان هيثم بن طارق آل سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سلطان هيثم ۽ عمان جي برادر عوام کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت جي اتحاد، هم آهنگي ۽ غزه جي عوام لاءِ به خاص دعا گهري. وزيراعظم، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران عمان جي موقف تي سلطان جو ٿورو مڃيو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهين لاءِ سندس حمايت کي ساراهيو. پاڪستان ۽ عمان جي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم، سلطنت عمان سان گڏ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. سلطان هيثم بن طارق دعوت قبول ڪندي وزيراعظم کي به عمان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻئي دورا گڏيل طور تي سفارتي ذريعن سان مناسب تاريخن تي ٿيندا.