لاهور-08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي کي ٽيليفون ڪيو ۽ کين عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب ٽيليفونڪ ڳالهين دوران سمورن وڏن وزيرن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وزيراعظم کي به عيد جون مبارڪون ڏنيون. چئني صوبن جي وڏن وزيرن وزيراعظم لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.