مڪه المڪرمه – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهي ديوان ۾ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود پاران ڏنل خصوصي مانجهاندي ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مانجهاندي ۾ سعودي ولي عهد وزيراعظم جو خصوصي استقبال ڪيو ۽ پاڻ گاڏي هلائي وزيراعظم کي مانجهاندي ۾ شرڪت جي لاءِ وٺي آيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ٿي. مانجهاندي ۾ وچ اوڀر جي اهم اڳواڻن سميت سعودي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سعودي سول ۽ عسڪري قيادت شريڪ هئي. وزيراعظم جي سعودي ولي عهد پاران شاندار استقبال ۽ مانجهاندي ۾ بطور خاص مهمان شرڪت، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين جو مظهر آهي.