مڪه المڪرمه – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي ذميواراڻي تحمل جي پاليسي کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن رڳو ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري، اسٽريٽجڪ ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هو. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ سڄي دنيا مان حج جي ادائيگي جي لاءِ سعودي عرب ۾ موجود حاجين جي لاءِ سعودي عرب جي مهمان نوازي ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن حرمين شريفين جي متولي ۽ ولي عهد جي محفوظ ۽ روحاني طور تي حج جي تڪميل جي تجربي کي يقيني بڻائڻ جي ذڪر جوڳي ڪوششن تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران سعودي عرب جي فعال ڪردار ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ان جي ثابت قدم عزم کي ساراهيو. هن ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي ذميواراڻي تحمل جي پاليسي کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن رڳو ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن آهي. ٻنهي اڳواڻن غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن عالمي برادري تي پنهنجي اخلاقي ۽ قانوني ذميوارين کي پورو ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو جيڪا عرب امن قدم ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي ٻڌل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سياسي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قيادت جي گڏيل ويزن ۽ ٻنهي ملڪن جي ڀائر عوام جي امنگن موجب ان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ بلند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ولي عهد کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي پرزور دعوت ڏني جنهن کي ولي عهد خوشي سان قبول ڪري ورتو.