اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي حوالي سان ڀارتي وزيراعظم جي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ بيانن کي ڀرپور طريقي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا بيان عالمي ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي ڏنا ويا آهن ته جيئن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تسلسل سان ٿيندڙ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائي سگهجي. ترجمان چيو ته اسان کي انتهائي افسوس آهي ته ڀارتي وزيراعظم اعتماد جوڳا ثبوت پيش ڪرڻ کانسواءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پهلگام حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو الزام هنيو آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڪو به بيانيو ان قانوني ۽ تاريخي حقيقت کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. ترجمان چيو ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقي جون دعوائون هڪ بي مثال فوجي موجودگي، بنيادي آزادين جي پائمالي، خودساخته گرفتارين ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي علائقي جي آبادياتي ساخت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جي پس منظر ۾ بي معنيٰ آهن. هن چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ وقار جي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد ۾ پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي، اسان عالمي برادري بشمول گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ڀارت کي ان جي ظلمن جي لاءِ جوابده قرار ڏين ۽ يقيني بڻائين ته ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ ڏنو وڃي، جيئن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي.