جده – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جده جي گورنر شهزاده سعود بن عبدالله جلاوي، سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيدالمالڪي، پاڪستان جي سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن جده ايئرپورٽ تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو.