اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي ڪڇي جي علائقي ڪول پور ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 2 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جي ڪري اسان ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته دهشتگردن کي معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ جي انتهائي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان حڪومت پرعزم آهن.