واشنگٽن-06 جون (اي پي پي) پاڪستان جي سفارتي مشن جي سربراهه ۽ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي چيئرمين برائن ماسٽ، رينڪنگ ميمبر گريگوري ميڪس، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت ذيلي ڪميٽيءَ جي چيئرمين بل هائزنگا ۽ سينيئر ڪانگريس مين بريڊ شرمين سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام بابت کُليل ۽ تعميري خيالن جي ڏي وٺ تي ٻَڌل هئي. بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي حڪومت طرفان اشتعال انگيزيءَ تي پاڪستان جي گهرن خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته خاص ڪري سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفو معطل ڪرڻ هڪ خطرناڪ مثال ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بگڙجندڙ انساني حقن واري صورتحال تي به روشني وڌي ۽ چيو ته پائيدار امن زبردستي دٻاءُ سان نه پر صرف بامعنيٰ ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. بلاول ڀٽو آمريڪا طرفان خطي ۾ ڇِڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي علائقائي امن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي عزم کي ورجايو.