واشنگٽن-06 جون (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سفري پابندين بابت حڪمنامي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تحت ايران ۽ افغانستان سميت 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لاڳو هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ طرفان جن ملڪن جي شهرين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي انهن ۾ افغانستان، ايران، صوماليه، لبيا، سوڊان، يمن، ميانمر، چاڊ، ڪانگو، هيٽي، اريٽيريا ۽ اڪوا ٽوريل گني شامل آهن. جڏهن ته 7 ملڪن جي شهرين تي جزوي سفري پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن جن ۾ برونڊي، ڪيوبا، لاس، سيراليون، ٽوگو، ترڪمانستان ۽ وينزويلا شامل آهن. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته سفري پابنديون سومر کان لاڳو ٿي وينديون. واضح رهي ته 2017ع ۾ صدر ٽرمپ ڪيترن ئي ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، جن ۾ اڪثريت مسلمان ملڪن جي هئي.