واشنگٽن-06 جون (اي پي پي) پارلياماني سفارتي ڪميٽيءَ جي سربراهه، پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي انٽيليجنس سينٽر بابت آمريڪي سينيٽ سليڪٽ ڪميٽي جي چيئرمين ٽام ڪاٽن (ريپبلڪن- آرڪنساس) سان ڪيپيٽل هل ۾ ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستان جي سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو جي آمريڪي دؤري جي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. ملاقات دوران بلاول ڀٽو ڀارت جي چِڙ ڏياريندڙ بيانن ۽ هاڻوڪي ڇڪتاڻ دوران عام شهرين کي نشانو بنائڻ جي سخت مذمت ڪئي. ڪالهه پ پ پ جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب هن انهن قدمن کي علائقائي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو. هن والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي به روشني وڌي ۽ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. ان کي عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي ۽ هڪ خطرناڪ مثال قرار ڏنو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان ڪردار کي ساراهيو جنهن تحت ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آئي ۽ سفارتي رستا کُليا. هن زور ڀريو ته پائيدار امن صرف ڳالهين، سفارتڪاري ۽ گڏيل احترام سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي سينيٽر ٽام ڪاٽن ان کُليل ۽ مثبت خيالن جي ڏي وٺ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي وفد جو ٿورو مڃيو. هن آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سلامتي جي شعبي ۾ تعاون ۽ علائقائي امن قائم رکڻ جي حوالي سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو.