اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ڪا به ڌر هڪطرفي طور تي معاهدي مان نه ٿي نڪري سگهي، ڀارتي ڌمڪيون بي معنيٰ آهن، روايتي جنگ وانگر پاڻي معاملي تي پڻ ڀارت جو گهمنڊ خاڪ ۾ ملائينداسين، پاڪستاني قوم متحد آهي، اتفاق راءِ سان ايندڙ نسلن جي تحفظ جي لاءِ ”هاڻي يا ڪڏهن نه“ جي بنياد تي دليراڻا فيصلا ۽ ٺوس قدم کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڻي ذخيرن جي حوالي سان اهم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، صوبائي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڀارت تازي جنگ ۾ بدترين شڪست کانپوءِ لاڳيتو سنڌ طاس معاهدي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ان ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي، پاڻي ورڇ جي معاهدي جي خلاف ورزي بابت ڀارت پنهنجي بيانيي کي هوا ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته تازي پاڪ ڀارت جنگ ۾ الله تعاليٰ اسان کي جيڪا تاريخي فتح عطا فرمائي ۽ ان تي الله تعاليٰ جو جيترو شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي، شڪر ادا ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان ڏينهن رات محنت ڪريون ۽ جنگ جي فتح جي عظمت وانگر عظيم ملڪ بڻجي ڏيکاريون. وزيراعظم چيو ته معاشي ميدان ۾ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ شاندار مستقبل جوڙڻو آهي ۽ معاشي ميدان ۾ ڪاميابي رڳو ڳالهين سان نه پر عملي قدمن سان ممڪن ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اڻٿڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ئي معاشي استحڪام جو خواب پورو ٿيندو. هن چيو ته پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي آميز ڀارتي بيانيي کي دنيا رد ڪيو، پاڪستان ڀارت ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي قابل قبول نه آهي، ڀارتي پروپئگنڊه کي نه ته سياسي ڪاميابي ملي نه ئي ان جي بيانيي کي عالمي دنيا مان ڪنهن تسليم ڪيو. وزيراعظم چيو ته بطور قوم اسان جو فرض آهي ته اسان ايندڙ نسلن کي محفوظ مستقبل فراهم ڪريون. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي تحت سنڌ، جهلم ۽ چناب جي پاڻي تي پاڪستان جو حق آهي، اسان کي ڀارتي پاڻي جارحيت جي خلاف قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڻي جي پنهنجي حق کي محفوظ بڻائڻ اسان سڀني جي لاءِ گڏيل چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته چئني صوبن جي عوام جي پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ حڪومتي ترجيح آهي، روايتي جنگ وانگر پاڻي معاملي تي به ڀارتي گهمنڊ خاڪ ۾ ملائينداسين. هن چيو ته پاڪستان عالمي پاڻي معاهدن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي حق جي لاءِ آواز بلند ڪندو. هن چيو ته 91ع جي معاهدي تحت اتفاق راءِ سان پاڻي ذخيرن جي تعمير يقيني بڻائينداسين، ڪنهن تڪراري معاملي کي نه ڇيڙيو ويندو، جن منصوبن تي سڀني جو اتفاق آهي انهن تي ڪم نه ڪيو ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندي. وزيراعظم چيو ته 24 اپريل تي نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به ڀارت جي پاڻي ڌمڪين جو جائزو ورتو ويو هو، پاڪستان ڀارت جي پاڻي ڌمڪين جو معاملو سياسي ۽ سفارتي محاذن تي ڀرپور طريقي سان اٿاريندو، ڪا به ڌر هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي مان نه ٿي نڪري سگهي، ڀارتي ڌمڪيون بي معنيٰ آهن پر اسان کي پاڻ ڀارت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو، زندهه قومون پنهنجي مستقبل جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهينديون آهن، پاڪستاني قوم جهڙي طرح پنهنجي فوج سان گڏ بيهي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ائين ئي متحد رهندي، هي دليراڻا فيصلا ڪرڻ جو وقت آهي ته جيئن ايندڙ نسل جي حق جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي، اسان هاڻي يا ڪڏهن به نه جي بنياد تي ٺوس قدم کڻنداسين. وزيراعظم معاشي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڀارت جون سموريون سفارتي ڪوششون ناڪام ٿي ويون ۽ عالمي مالياتي ادارن اسان جا قرض منظور ڪيا جڏهن ته ڀارت اسان جي خلاف پوري لابنگ ڪئي.