اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برآمدي سهولت اسڪيم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ شفافيت کي وڌائڻ ۽ ان کي وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم مقامي مينوفيڪچرنگ کي فروغ ڏيڻ ۽ برآمدي سهولت اسڪيم تحت بهتر سهولت جي ذريعي برآمدات کي وڌائڻ جي لاءِ حڪومت جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ان اسڪيم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ برآمدات ۾ اضافي ۽ مقامي صنعت جي تحفظ جي قومي ايجنڊا سان بهتر طور تي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اهم سفارشون پيش ڪيون ويون.