اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پلاسٽڪ آلودگي ماحولياتي چئلينج آهي جيڪو اسان جي ماحولياتي نظام، معيشت ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان زمين جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي. هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ٿيم ”پلاسٽڪ جي آلودگي جو خاتمو“ آهي. پلاسٽڪ سان پيدا ٿيندڙ آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر ۽ فوري عملدرآمد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پلاسٽڪ جي آلودگي هڪ ماحولياتي چئلينج آهي جيڪو اسان جي ماحولياتي نظام، اسان جي معيشت ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ خطرو آهي. اها آلودگي نه رڳو دريائن ۽ سمنڊن کي متاثر ڪري ٿي پر سامونڊي جيوت جي لاءِ پڻ خطرناڪ آهي. پوري دنيا ۾ پلاسٽڪ جو فضُلو خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آهي ۽ پاڪستان به ان آلودگي کان بري طرح متاثر آهي. پلاسٽڪ سان پيدا ٿيندڙ آلودگي جي خلاف پوري دنيا کي جرئتمنداڻا گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت اهڙين پاليسين تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي جيڪي ماحول دوست متبادل توانائي جي ذريعن کي فروغ ڏين ٿيون، ان جي ذميواراڻي استعمال جي حوصلا افزائي ڪن ٿيون ۽ پلاسٽڪ جي استعمال تي سخت قانونن ۽ ضابطن کي لاڳو ڪن ٿيون. جڏهن ته حقيقي تبديلي انفرادي سطح تي شروع ٿئي ٿي. اسان جي گهرن، اسان جي ڀرپاسي ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان جي چونڊ سان ان جي شروعات ٿئي ٿي. اچو اڄ جي ڏينهن اهو عزم ڪريون ته اسان ايندڙ نسلن جي تحفظ جي لاءِ ماحول کي بهتر ۽ صاف بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.