اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو اهم ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ ايندڙ نسلن جي خاطر زمين جي حفاظت جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ماحوليات جو عالمي ڏينهن 2025ع عالمي برادري سان گڏجي ملهائي رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي موقعو دنيا کي درپيش هنگامي ماحولياتي چئلينجز بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۽ زمين جي حفاظت جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو پيش ڪري ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ جي طور تي پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري عالمي قدمن کي ساراهي ٿو، هن وقت جڏهن دنيا زمين، دريائن ۽ سمنڊن ۾ پلاسٽڪ جي آلودگي جي وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ماحول جي عالمي ڏينهن 2025ع کي ”بيٽ پلاسٽڪ پلوشن“ جي ٿيم تحت ملهائڻ وقت سر ۽ ضروري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته هن سال جي ٿيم پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قومي ڪوششن سان هم آهنگ آهي، اپريل 2025ع ۾ پاڪستان حڪومت پلاسٽڪ جي الودگي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ نيشنل ايڪشن روڊ ميپ جي شروعات ڪئي جنهن ۾ پلاسٽڪ جي فضُلي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. بيان موجب پاڪستان انهن اهم ماحولياتي بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ زمين جي حفاظت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.