اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ريلوي جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ جي مختلف پاسن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ريلوي جي ترقي ۽ نواڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان برطانيه جي تجربن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ملڪ ۾ ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي جديد رُخن تي آندو وڃي ۽ ان شعبي ۾ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي. ٻنهي ڌُرين هاڻوڪي اعليٰ سطحي ڳالهين دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ اقتصادي تعاون جا رشتا مستحڪم بنيادن تي قائم آهن. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڀريو. خاص طور تي ريلوي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو عزم ڪيو ويو. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجي ريلوي جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن جي استعمال کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو ته جيئن ان شعبي جي ڪارڪردگي ۽ معيشت تي ان جا هاڪاري اثر پون. هن ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان شعبي ۾ گڏيل مفادن جي پروجيڪٽس تي ڪم جاري رهندو جنهن سان نه صرف ٻنهي ملڪن جي معيشت کي فائدو ٿيندو پر عوامي چُرپر ۾ به بهتري ايندي.