اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ممتاز ميڊيا گروپ ۽ ان جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ ڊيلي ممتاز جي ايڊيٽر طارق محمود سمير سان سندس سالي محمد اسلم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. بعد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ڊيلي ممتاز جي عملي سان ملاقات ڪئي ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ممتاز ميڊيا گروپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير پاڪ ڀارت جنگ ۾ ممتاز ميڊيا گروپ سميت ٻي ميڊيا جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ان کان اڳ ممتاز ميڊيا گروپ اچڻ تي سي اي او ممتاز ميڊيا گروپ احسن طارق اطلاعات واري وفاقي وزير جو استقبال ڪيو.