اسلام آباد -04 جون (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 300 ملين ڊالرن جي قرض پروگرام تي صحيحيون ٿي ويون. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ان قرض پروگرام جو بنيادي مقصد سڌارن ذريعي وسيلن کي بهتر طريقي سان متحرڪ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان 500 ملين ڊالرن جي پاليسي بيسڊ گارنٽي (پاليسي تي ٻڌل ضمانت) ڏني وئي آهي. مجموعي طور تي اها 800 ملين ڊالرز جو پروگرام آهي. پروگرام تي صحيحين جي تقريب اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ منعقد ٿي. پاڪستان طرفان اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين معاهدي تي صحيحيون ڪيون. ان کان علاوه اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جون اعليٰ اختياريون به ان موقعي تي موجود هيون. معاهدي تي صحيحيون ملڪي وسيلن کي وڌائڻ ذريعي معاشي ۽ مالياتي استحڪام کي ترجيح ڏيڻ واري پاڪستان جي عزم جي عڪاسي آهن. ان پروگرام تحت اقتصادي ڍانچي ۾ سڌارا آندا ويندا جن جو مقصد محصول ۾ اضافي سميت ٻيا اقتصادي مسئلا حل ڪرڻ آهي.