ڪوئيٽا-04 جون (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي جو حل قانونسازي آهي،گم ٿيل ماڻهن جي آڙ ۾ رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ جو سلسلو روڪڻو پوندو، ماڻهو گم ٿيندا آهن پر بعد ۾ خبر پوندي آهي ته انهن جو تعلق ڪالعدم تنظيم سان هوندو آهي، هڪ منظم انداز سان بلوچستان جي نوجوانن کي ورغلايو پيو وڃي، قانونسازي کانپوءِ گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي مس يوز نه ڪري سگهبو. اهڙو اظهار هن دهشتگردي جي خاتمي جي ترميمي قانون جي حوالي سان بلوچستان اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسيمبلي جي ميمبرن مولانا هدايت الرحمان ۽ شاهده رئوف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون بابت ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته صوبائيا اسيمبلي جو هڪ ڊيڪورم آهي. وڏي عرصي کان هڪ مسئلو هلي رهيو آهي، گم ٿيل ماڻهن کي ڪنهن گم ڪيو آهي ۽ بعد ۾ خبر پوندي آهي ته انهن جو تعلق ڪالعدم تنظيم سان هوندو آهي، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي پروپيگنڊا طور استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آهي، ان کي روڪڻو پوندو. ان مسئلي جو حل قانونسازي آهي، مسئلي کي غلط استعمال نه ڪيو وڃي، جيڪو پڪڙيو ويندو ان کي ميجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي ادارا کڻن ٿا ته ان کي هو ٽن مهينن تائين رکڻ جو اختيار هوندو، ٽن مهينن کانپوءِ ان کي عدالت ۾ پيش ڪري ان تي لڳايل الزامن کان آگاهه ڪيو ويندو، هڪ منظم انداز سان بلوچستان جي نوجوانن کي ورغلايو پيو وڃي، گرفتار ٿيل شخص کي هڪ سينٽر ۾ رکيو وڃي جتي والدين سان ملڻ جي اجازت هوندي، هن چيو ته جيڪو اسان وٽ هوندو ان جو وڪيل کي پتو هوندو، اهڙي طرح لاپتا ماڻهن جو معاملو هميشه لاءِ حل ٿي رهيو آهي، ان کانسواءِ جيڪڏهن گم ٿئي ٿو ته اهو لاپتا هوندو، هي قانون 6 سالن لاءِ هوندو.