پشاور-04 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان ۾ مقرر آسٽريا جي سفير انڊريا ويڪي گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، ڪي پي ڪي ۽ آسٽريا وچ ۾ ٻه طرفي تعاون، راندين جي سرگرمين ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ افغانستان جي موجوده ۽ ماضيءَ جي صورتحال امن امان بابت معاملا به بحث هيٺ آيا. گورنر چيو ته ڪي پي ڪي جا اُتريان ضلعا سياحت لاءِ دنيا ۾ پُرڪشش حيثيت رکن ٿا، سياحتي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ عالمي ڪمپنين کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته ڪي پي ڪي تاريخي ۽ قديمي تهذيب جو امين ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال صوبو آهي ۽ ڪوشش آهي ته مقامي وسيلن کي ڪتب آڻي مقامي آباديءَ کي فائدو پهچائي سگهجي. آسٽريا جي سفير دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي قربانين ۽ عزم کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ خاص ڪري سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل طور ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.