تهران -04 جون (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي يورينيم رچاءَ روڪڻ واري آمريڪي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني سپريم ليڊر گذريل ڏينهن آمريڪا جي ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ايران کي يورينيم رچاءَ روڪڻ لاءِ چيو ويو هو. ايراني سپريم ليڊر چيو ته ايٽمي معاهدي لاءِ آمريڪي تجويز ايران جي قومي مفادن خلاف آهي انهي لاءِ اسان يورينيم رچاءَ جو سلسلو معطل نه ڪنداسين. هن چيو ته يورينيم جو رچاءُ هاڻي به ايران جي ايٽمي پروگرام لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. ياد رهي ته سومر ڏينهن به ايراني سفارتڪار يورينيم رچاءَ معطل ڪرڻ واري آمريڪي تجويز رد ڪئي هئي. ايران جو چوڻ آهي، ته هو پرامن مقصدن لاءِ پنهنجو ايٽمي پروگرام جاري رکندو.