ماسڪو-04 جون (اي پي پي) روس، ايران جي پرامن ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ايران کي پنهنجي ايٽمي پروگرام تي عمل ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف گذريل ڏينهن بيان ۾ ڪئي. هن چيو ته سمورن ملڪن کي پنهنجي پرامن مقصد لاءِ ايٽمي توانائي حاصل ڪرڻ جو حق آهي، خاص طور تي اهڙو پروگرام جيڪو عالمي ايٽمي اداري آءِ اي اي اي جي سخت نگراني ۾ هجي. ترجمان چيو ته اسان يقين رکون ٿا ته اهو حق سمورن ملڪن کي حاصل رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ايٽمي معاملن تي ڳالهين جي حمايت ڪريون ٿا ته جئين هڪ پرامن حل سامهون اچي سگهجي ته جيئن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جو خدشو نه رهي. روس طرفان اهو بيان صدر ٽرمپ جي ان بيان جي هڪ ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو آهي.